ا??لا?? آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي، پورٽل تي ٻن سالن م رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 30 لک کان وڌي ويو، ٻن سالن ۾ پورٽل کي 27 لک کان وڌيڪ ??ڪايتون مليون جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ ??ڪايتن جو ازالو ٿيو، پورٽل ذريعي ملندڙ شڪايتن جي حل تي نادرا جي ڪارڪردگي سڀ کان اطمينان جوڳي رهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران هڪ لک 36 هزار کان وڌيڪ ملندڙ شڪايتن مان هڪ لک 28 هزار اڪلايون ويون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو جي انچارج عا??ل صافي ڪارڪردگي رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 27 لک 60 هزار ملندڙ شڪايتن مان 13 لک 41 هزار وفاقي حڪومت، 9 لک 45 هزار کان وڌيڪ پنجاب، 2 لک 62 هزار خيبرپختونخواهه، هڪ لک 67 هزار سنڌ، 22 هزار 700 ا??لا?? آباد، 19 هزار 600 بلوچستان، 3421 گلگت بلتستان جڏهن ته 619 شڪايتون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي خلاف مليون. وفاق ۾ سڀ کان وڌيڪ ??ڪايتون بجلي ۽ توانائي بابت هيون جن جو انگ 4 لک 97 هزار کان وڌيڪ ??هي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ميونسپل سروسز بابت شڪايتون رهيون، باقي صوبن ۾ به ميونسپل سروسز بابت شڪايتن جو تناسب وڌيڪ ??هيو. سڀ کان وڌيڪ ??ڪايتون اڪلائڻ جي شرح وفاق ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 95 سيڪڙو رهيو، پنجاب ۾ 94 سيڪڙو، سنڌ ۾ 86 سيڪڙو، ا??لا?? آباد 78، بلوچستان 89، گلگت بلتستان 84، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 85 سيڪڙو رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پورٽل تي 11 لک غيرملڪي به رجسٽرڊ هن، ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي جتان اهي پورٽل بابت معلومات وٺي سگهن ٿا.