اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، ر??انگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بحالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته م??اش?? صورتحال خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسز قرضن جي ادائيگ?? تي خرچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ته صورتحال وڌيڪ بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻ?? ۽ ??نڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر م??اش?? پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.