اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ??الهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گ??جي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن ??ي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ميدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ??يترائي ڀيرا بهتر آهي. ??زي??اعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ ??زي??اعظم ان ??الهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.