اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو والاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪ??ائ??، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پا??ست??ن ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت س??ائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پا??ست??ن سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اهم ڏينهن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو مقصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته ڪشمير تڪرار تي اسان سڀ متحد آهيون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃ??، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيت??ائ?? ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.