اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ملاقات ڪئي ۽ ڪراچي جي رهواسين کي درپيش مسئلن کان آگ??هه ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ??وجب ڪراچي جي ميئر بجلي جي بندش ۽ شهر ۾ ڊگه?? وقت جي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وسيم اختر چيو ته شديد لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪراچي جي صورتحال خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪراچي کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي وڃي.