اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي فوجي سربراهن جي ملازمت جي مدي جي حوالي سان ٽنهي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب چيف آف آرمي اسٽاف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، پاڪ فضائ??ه جي سربراهه ۽ پاڪ بحر??ه جي سربراهه جي مقررين يا انهن جي عهدي جي مدي ۾ توسيع کي به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو ۽ بل تحت بري، بحري ۽ پاڪ فضائ??ه جي سربراهن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ?? وزي??اع??م جي مشوري تي صدر ٽن سالن جي لاءِ ٻيه?? مقرري ڪري سگهندو.