اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپ??ر قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن ت?? ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اج??اس منعقد ٿيو. اج??اس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. نگ??ان وزيراعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اج??اس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگ??ان وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپ??ر قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته حاجين جي لاءِ ڪيل انتظامن ت?? ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اج??اس ۾ مذهبي معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.