اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي سامونڊي علائقي طرف وڌڻ جي رفتار ۾ 6 کان 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ گهٽتائي آئي جڏهن ته ان جي پکيڙ ۽ شدت جي نوعيت برقرار آهي. ڪي??يگري ٽي جو طوفان خميس تي رات جو ڪنهن به وقت سنڌ جي ڏکڻ اوڀر جي سامونڊي علائقي ڪي??ي بندر سان ٽڪرائجندو. ڪر??چيءَ کي طوفان کان سڌيءَ ريت خطرو ناهي، جڏهن ته تيز هوائن ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ ڪر??چيءَ کان علاوه ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ ملير سميت ٻين علائقن ۾ طوفان جا اثر ظاهر ٿيندا. طوفان جي خطري ۾ ورتل علائقن ۾ 82 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي جن کي محفوظ هنڌن تي اسڪولن ۽ پختين عمارتن ۾ قائم 63 ڪي??پن ۾ منتقل ڪي?? ويو آهي، سمورا لاڳاپيل فوجي ۽ سول ادارا هاءِ الرٽ واري صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، عوام کي ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪندي احتياطي تدبيرن جو مشورو ڏنو ويو آهي. موسمياتي تبديليءَ واري و??اق?? وزير سينيٽر شيري رحمان ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي صورتحال ۽ ان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ڪالهه رٿيل اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏني. و??اق?? وزير چيو ته طوفان جي رفتار ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن سبب ان لينڊ فال ۽ ٽڪراءُ جو وقت تبديل ٿيو آهي، اهڙيءَ طرح طوفان جي رُخ ۾ ڪجهه تبديلي آئي آهي جيتوڻيڪ طوفان خطرن ۾ ورتل بدستور ۽ برقرار آهي ان مطابق سمورا قدم ڪتب آندا ويندا. هن چيو ته بائپر جوائي جي نوعيت ڪي??يگري 3 جو شديد انتهائي طوفان آهي جنهن جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 180 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پچي سگهي ٿي. هن چيو ته طوفان ٺٽي کان 235 ڪلوميٽر، ڪر??چيءَ کان 230 ڪلوميٽر ۽ ڪي??ي بندر کان 155 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي ۽ جنهن رستي جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ان مطابق اڳتي وڌي رهيو آهي. خميس جي رات ڪي??ي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري سامونڊي علائقي سان ٽڪرائجندو. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب ڪر??چيءَ کان علاوه ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ملير جا علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان آهن جتي تيز هوائن سان گڏ شديد برسات جو امڪان آهي. طوفان سبب سامونڊي ڇوليون 30 فوٽن تائين پهچي سگهن ٿيون. هن چيو ته طوفان جي اثر هيٺ علائقن خاص ڪري ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۾ تيز هوائن ۽ طوفان هلڻ کان علاوه 300 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪر??چي، حيدرآباد، دادو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بينظير آباد، سانگهڙ، لسٻيلا ۽ حب ۾ 100 ملي ميٽر برساتون متوقع آهن. و??اق?? وزير چيو ته متاثر علائقن مان تقريبن 82 هزار ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪي?? ويو آهي ان مقصد لاءِ 169 رليف ڪي??پون قائم ڪي??ن ويون آهن جن مان 63 ڪي??پون فعال جڏهن ته 106 اسٽينڊ باءِ آهن جيڪي وڌيڪ نيڪال جي صورت ۾ متاثرن لاءِ رکيا ويا آهن. هن چيو ته حڪومت طوفان کي نظر ۾ رکندي امڪاني صورتحال لاءِ مڪمل تياري ڪري رکي آهي. انهن ڪوششن ۾ ملٽري ۽ سول ادارا ڀرپور ڪر??ار ادا ڪري رهيا آهن. هن وقت فيلڊ ۾ آرمي جا 1400 اهلڪار، رينجرز جون 16 ڪمپنيون، نيوي جا 303 اهلڪار، پوسٽ گارڊز جون 2 بٽالين مصروف عمل آهن جڏهن ته ضرورت وقت ايئرفورس جون خدمتون پڻ وٺي سگهجن ٿيون. هن چيو ته متاثر کي شيلٽر، خوراڪ، صاف پاڻي ۽ طبي سهولتن جي فراهميءَ جو انتظام ڪي?? ويو آهي، 87 ميڊيڪل يونٽس فيلڊ ۾ موجود آهن، اهڙيءَ طرح متاثر علائقن ۾ بجلي بحال رکڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. طوفان سبب 90 جي ويجهو فيڊر متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۽ سکر مان ٽيڪينڪل ٽيمون طلب ڪي??ن ويون آهن. متاثر علائقن ۾ مواصلاتي رابطن کي بحال رکڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ملي قدم کنيا پيا وڃن. فلائيٽ آپريشنز جي باري ۾ و??اق?? وزير چيو ته اُڏامن لاءِ هوا جي دٻاءُ ۽ رفتار جي حد جو تعين ڪي?? ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪر??چي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر ۽ موهن جو دڙو جي هوائي اڏن کي هدايتون جاري ڪي??ن ويون آهن. هن چيو ته ننڍن جهازن جي اُڏامن کي معطل ڪي?? ويو آهي، جڏهن ته ڪمرشل فلائيٽس جي باري ۾ به ايڊوائيزري جاري ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته طوفان جي صورتحال کي لاڳيتو مانيٽر ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ باقائدگيءَ سا?? رابطه اجلاس منعقد ڪي?? پيو وڃي جنهن ۾ مقامي، علائقائي ۽ بين الاقوامي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪي?? پيو وڃي. هن چيو ته طوفان کي نظر ۾ رکندي متاثر علائقن ۾ ضروري سامان، اوزارن جي دستيابيءَ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن متاثر علائقن مان نيڪالي ۽ محفوظ هنڌن تي انهن جي منتقليءَ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪي??.