اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 30 جاري ۽ ٻن نئين ترقياتي منصوبن جي لاءِ م??مو??ي طور تي 6 ارب رپ??ن جا فنڊز رکيا آهن. انهن منصوبن جو منظور ٿيل ڪاٿو 88 ارب 35 ڪروڙ 49 لک 50 هزار رپ??ا لڳايو ويو آهي. جنهن جي لاءِ 55 ارب 74 ڪروڙ 76 لک 14 هزار رپ??ن جا پرڏيهي فن??ز پڻ خرچ ٿيندا. سرڪاري ترقياتي پروگرام تحت حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي جي جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ م??مو??ي طور تي 54 ڪروڙ 80 لک رپ??ا خرچ ڪرڻ جي لاءِ رکيا آهن. اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو.