GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

تحريڪ انتشار پنهنجي ناڪامي ۽ خفت مٽائڻ جي لاءِ گولي هلائڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي، اهي پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ هي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار پنهنجي ناڪامي ۽ خفت مٽائڻ جي لاءِ گولي هلائڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي، اهي سيڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪوڙ تي رياست کي بدنام ڪن ٿا، هي پنهنجي ويڙهه ۾ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ مان جهليو بيٺا آهن، پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ هي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، اهي لاش ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ، واٽس ايپ تي ئي ملندا، مهانگائي 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک جي حد عبور ڪري چڪي آهي، مهانگائي 4.8 سيڪڙو تي اچڻ حڪومت ۽ وزيراعظم جي محنت جو نتيجو آهي. اهم سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهانگائي 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه جو دليل آهي ته اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، ڪنزيومر پرائس انڊيڪس هر مهيني هيٺ وڃي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري چڪي آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو ۽ (ڪيبور) 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڏينهن رات محنت ۽ ڪوششن جي ڪري مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اسان ڊيفالٽ جي ويجهو کان هن مقام تي پهتا آهيون، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي پڻ چيو هو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪڏهن ان معاملي کي سنجيده نه وٺي ها ته ملڪ جو ڊيفالٽ کان بچڻ ممڪن نه هو. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي آءِ ايم ايف کي خط لکيو ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر الحمدالله! اڄ مهانگائي 4.8 سيڪڙو، وياج جي شرح 15 سيڪڙو، مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر ٿي ويا آهن، ترقي جو سلسلو جاري آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جو هڪ لک پوائنٽس جي سطح عبور ڪرڻ ۽ سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته معيشت جي ترقي ٿي آهي، انشاءَ الله معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انتشار گولي هلائڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي، تحريڪ انتشار وارا ڪو هڪ ثبوت پيش ڪن جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪو اهلڪار فائرنگ ڪندي ڏسڻ ۾ اچي. انهن وٽ ڪو هڪ وڊيو ثبوت موجود نه آهي، اهڙو ڪو واقعو پيش ئي ناهي آيو جنهن بابت هي ڪو ثبوت پيش ڪري سگهن. هن چيو ته هڪ شخص جي ڀڄي وڃڻ جي وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته گوليون هلي رهيون آهن ۽ گڏوگڏ اهو چئي رهيو آهي ته مون کي گولي لڳي وئي، اهڙي طرح جي سنسني ڦهلائي وڃي ته وڊيو وائرل ته ٿيندي، اهو ئي شخص هڪ ٻي وڊيو ۾ چوي ٿو ته منهنجي هٿ تي زخم آيو آهي، هو پنهنجي هٿ تان پٽي لاهي ٿو ته ڪو زخمي نظر نٿو اچي، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪوڙ تي رياست کي بدنام ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ لاشن تي ڪوڙ ڦهلائي رهي آهي، ڪوڙو بيانيو هلايو پيو وڃي، ڪير چئي رهيو آهي ته هتي چار هزار لاش آهن، ڪير چار سئو ۽ ڪير 60 لاشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، لطيف کوسا چيو ته سندس گهر تي ڪيترائي لاش موجود آهن، تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته سڀ غلط آهي 12 لاش آهن، اهو ڪهڙي طرح جو قوم سان مذاق ڪيو پيو وڃي. لاش هڪ به نه آهي، هجي ها ته سامهون اچي وڃي ها، اهي لاش ٽڪ ٽاڪ، فيس بڪ، ايڪس، واٽس ايپ تي ملن ٿا. هن چيو ته قوم سان خراب مذاق ڪيو پيو وڃي، قوم جي بدقسمتي آهي جو اهڙا ماڻهو سياسي پارٽيون ٺاهي ڇڏين ٿا جن ۾ ڪابه سمجهه نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوليس ۽ رينجرز جا چار جوان شهيد ٿيا، انهن جي خاندانن سان ڪنهن همدرديءَ جو اظهار ناهي ڪيو. هن چيو ته اهي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوانن کي نشانو بڻائين ٿا، ان کانپوءِ روڄ راڙو ڪن ٿا ته اسان جا لاش ڪِريا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ٺڳن جي پارٽي آهي. هڪ شخص ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي چڙهي نماز پڙهي رهيو آهي، بعد ۾ چيو ويو ته ان کي هيٺ ڪيرايو ويو، ان شخص جي مارجڻ جي ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي وئي، ان شخص جي به وڊيو سامهون اچي وئي آهي، اهو منڊي بهاءُ الدين جو رهواسي آهي ۽ صحيح سلامت آهي. هن چيو ته هڪ ٻيو شخص وڊيو پيغام ۾ چئي رهيو آهي ته ان جي پٽ کي شهيد ڪرڻ جو غلط اطلاع ڦهلايو ويو، ان ترديد ڪئي ۽ چيو ته اها ڪُوڙي خبر آهي ۽ منهنجو پٽ گهر ويٺو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ان بيانيي ۾ ڪا حقيقت نه آهي. وفاقي وزير چيو ته ڇا دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪلاشنڪوفن، گليلن، بلورن، پٿرن، گرينيڊن، اسٽن گنز، ٽيئر گئس سان ليس مظاهرين کي احتجاج جي اجازت ڏني وڃي ٿي؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو پرامن احتجاج نه هو، اهو هٿيارن سان ليس جٿو هو جنهن هتي حملو ڪرڻ ٿي چاهيو، انهن جي سياسي ڪمزوري هئي ته انهن سان گڏ ماڻهو نه هئا، اهي بري طرح ناڪام ٿيا ۽ هاڻي پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ لاشن جي پٺيان لڪي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي پنهنجي ويڙهه ۾ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهيو بيٺا آهن، انهن جا 6، 7 گروپ ٺهي چڪا آهن. هن چيو ته بئريسٽر سيف منهنجي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ ڳالهه ڪئي ان کي به اهو ئي چوندس ته چپ ئي رهي، ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جنهن کي توهان ۽ آئون ڄاڻان ٿو، جيڪڏهن اهي ڳالهيون منظرعام تي اچي ويون ته شايد توهان خيبرپختونخواهه حڪومت جا ترجمان نه رهندا.

مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں