GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري

image

اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اسان معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي حقن، ڀلائي ۽ شموليت جي فروغ جي لاءِ خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان خصوصي ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي سگهه، همٿ ۽ قابل قدر ڪردار جو پڻ اعتراف ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪس جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. صدر چيو ته ايڪٽ تحت خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ ڪائونسل جو قيام معذور ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ۽ ٺوس موقف طرف اهم قدم آهي، اها ڪائونسل خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ آگاهي جي لاءِ هڪ مرڪزي اداري جي طور تي ڪم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تعليم ۽ تربيت جي اهميت جو ادراڪ رکي ٿو، ان سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي مختلف ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تعليمي مرڪزن ۽ پيشيواراڻي تربيتي ادارن جو هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ تيار ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن جي پاڻڀرائپ ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ اهو مرڪز خصوصي ماڻهن کي ضروري مهارتن ۽ تعليم سان ليس ڪندو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ سان معذور ماڻهن کي روزگار جي موقعن تائين پهچ حاصل ٿيندي. صدر چيو ته جيتوڻيڪ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪافي قدم کنيا ويا آهن پر اڃا به تمام گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي، اسان کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ ۽ سازگار قانوني، سماجي ۽ معاشي حالتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن روزگار، راندين، تعليم ۽ ٻين سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين سميت سمورن شعبن ۾ انهن جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي، اسان کي خصوصي ماڻهن کي معياري تعليم، هنر، صحت جي سهولتن، مهارتن ۽ قابليت جي بنياد تي روزگار ۽ نوڪرين جي ڪوٽا تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري هڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي. صدر معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڏنو ته اهي هڪ اهڙو معاشري جوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن جتي خصوصي ماڻهن سان عزت وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي لاءِ ضروري وسيلا مهيا ڪيا وڃن، گڏجي هڪ اهڙي جامع پاڪستان جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر ماڻهو کي ان جي اهليت کان هٽي ڪري پنهنجون صلاحيتون نکارڻ جو موقعو ملي.

مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں