اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته دفاع واري وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد اڄ ڪابل ۾ آ??ي، وفد جي دوري جو مقصد افغان عبوري حڪومت جي عهديدا??ن سان ملاقات ڪرڻ آهي ته جيئن دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن سميت سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي.