اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اها اسان جي گڏيل اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي ته اسان خصوصي م??ڻهن جي م??ڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻون، معاشري ۾ انهن جي خلاف امتيازي س??وڪ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي س?? سي آئي) جي دوري دوران ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ خصوصي م??ڻهن کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي م??ئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خصوصي م??ڻهن جي پهچ کي وڌائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي هن ان سلسلي ۾ موجوده قانونن تي مڪمل طور تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان حوالي سان موجوده خال کي ختم ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن هڪ اهڙي جامع معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهجي جتي خصوصي م??ڻهن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿي سگهن. هن چيو ته خصوصي م??ڻهو معاشري ??و هڪ اهم طبقو آهن ۽ اهڙا ڪيترائي م??ال آهن جن ۾ خصوصي م??ڻهن پنهنجي م??ذوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ڪراچي چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي شموليت ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضر??رت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عارف علوي ڪي س?? سي آئي جي اهم ميمبرن سان گڏوگڏ اهم ڪاروباري شخصي??ن، مقامي اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين مختلف ڌرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران معذور ماڻهن جي م??ليت شموليت جي راهه ۾ ايندڙ مختلف رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.