اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي جمعي ڏينهن حملو ٿي?? جنهن ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيدالرحمان نظاماڻي کي نشانو بڻايو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ ۾ ٿي??دڙ حملي ۾ هيڊ آف مشن محفوظ رهيو. ترجمان موجب جڏهن ته هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ سپاهي اسرار محمد هيڊ آف مشن جي حفاظت ڪندي حملي ۾ شديد زخمي ٿي?? آهي. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن تي ق??تلاڻي حملي ۽ سفارتخاني جي ڪمپائونڊ تي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿي. ترجمان پنهنجي بي??ن ۾ چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت فوري طور تي ان حملي جي مڪمل جاچ، جوابدارن کي پڪڙڻ، انهن جو محسابو ڪرڻ ۽ افغانست??ن ۾ پاڪستاني سفارتي عملي ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ فوري ق??م کڻي.