اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، صحافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن چيو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عمران خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان جي خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دش??ن آهي، عمران خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي ا??هن جي جان خطري ۾ وڌي ج??هن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتد??ر ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، عمران خان ملڪ کي باهه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چاهي. هن چيو ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پڇي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائي?? پنهنجي خلاف ڪ??هن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.