اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آل پ??ڪستان چائنيز انٽرپرائيز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي صدارت ايسوسيئيشن جو صدر يانگ جياندو ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد پاران پي ايم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 140000 آمريڪي ڊالرز جي رقم جو چيڪ وزيراعظم کي ڏنو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ايسوسيئيشن پاران امدادي رقم جي فراه??ي تي وفد جا ٿورا مڃيا.