اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشي?? ۾ ??ابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتت??حي اجلاس کي اهم خطا?? ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا مي??بر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتت??حي اجلاس کي اهم خطا?? ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم سيڪا جي مي??بر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ايشيا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشي?? ۾ ??من، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ س??اس?? رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشي?? ۾ ??ابطن ۽ معاشي تعاون جي فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.