اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو ??هي ته حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڪشميري ت??ري?? آزاديءَ جي علامت هو جنهن هميشه اهو نعرو بلند ڪيو ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهيو. هي نعرو هاڻي دنيا جي هر حصي ۾ گونججي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ناليواري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ل??ءِ رٿيل هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن جو اهتمام ريڊيو پاڪستان ۽ يوٿ فورم بر??ءِ ڪشمير ڪيو هو. تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي اصل خراجِ عقيدت اهو ??هي ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ه??ندڙ آزاديءَ واري ت??ري?? ل??ءِ آواز بلند ڪندا رهون. ڀارت طرفان ڪشميرين تي ٿيل ظلم دنيا آڏو واضح ڪندا رهون. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني عمل ۽ قدم خاص طور تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيو آهي. ان کي پاڪستان اڳ ۾ به بي نقاب ڪندو آيو ??هي ۽ آئينده پڻ هر فورم تي ڪشميري عوام جي ترجمان جاري رکندو. وفاقي وزير گڏيل قومن، ??و آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل تي زور ڀريو ته هو ان غير معمولي تڪرار جي حل ل??ءِ ٺوس قدم کڻن.