اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪ??ءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هباز شريف دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي حفاظت ڪندي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ مون سميت پوري قوم جون سموريون دعائون شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.