ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي و??تي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آ??ي، ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دن??ا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق بحال ڪر??ئي. سنڌ جي و??تي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آ??ي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري آزاد ڪيو و??ي. ??ن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.