راولپنڊي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڊائم??ڊ جوبلي جي سلسلي ۾ ڊرامو ”اسان جي سڃاڻپ پاڪستان“ پيش ڪيو ويو. ڊرامي ۾ موجوده دور جي نوجوان نسل کي پاڪستان جي آزادي جي بي قدري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان مو??عي تي ڊائريڪٽر آرٽس ڪائونسل وقار احمد ج?? چوڻ هو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون، اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، دنيا ۾ هر قوم پنهنجي قو??يت تي فخر ڪري ٿي، ننڍي ک??ڊ جي مسلمانن سالن جي جدوجهد ۽ هجرت جي وقت لکين جانين جا نذرانا ڏئي هن ملڪ کي حاصل ڪيو آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد سليمان جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ 1947ع تي ننڍي ک??ڊ جي مسلمانن کي جدا رياسيت نصيب ٿي جتي اهي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذاري سگهن.