فيصل آباد – 02 – ??گس?? (اي پي پي) ناليواري پارليامينٽرين، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل چيو آهي ته موجوده حڪومت وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير جي مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل جي ??اء?? ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سفارتي سطح تي دنيا کي ڀارتي ظلمن بابت آگاهه ڪرڻ جي ??اء?? قدم جاري آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي ف??ج ڄمون ۽ ڪشمير تي غاصباڻي قبضي جي خلاف ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ??اء?? مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن چيو ته 5 ??گس?? تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني قوم مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي جڏهن ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي طاقتن جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائڻ آهي. هن چيو ته مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت جي ??اء?? ڪشمير استحصال ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سڄي قوم ثابت ڪندي ته اها هر لمحي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.