اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت ۾ سرڪاري ا??تهارن جي ور?? ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ويا آهن، باقاعدگي س??ن شايع ٿيندڙ اخبارن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي س??ن اشتهار جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميش?? آفيسر مبشر حسن سميت ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ هئا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اشتهارن جي ور?? اخبارن ۽ رسالن جي ڇپائي جي انگ جاچڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام آندو وڃي. اجلاس کي ا??بارن ۽ رسالن جي ڇپائي جاچڻ جي لاءِ فهرست (اي بي سي) جي حوالي س??ن بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي ۽ علائقائي ا??بارن ۽ رسالن جي اي بي سي بابت جامع پاليسي ا??تيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اخبارن جي باقاعدگي س??ن ڇپائي ۽ انگ جاچڻ لاءِ معاملن تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي (سينٽرل ميڊيا لسٽ) ۾ موجود اخبارن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ اصولي فيصلو ڪيو ويو ته باقاعدگي س??ن شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي س??ن اشتهار جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ اشتهار رڳو باقاعدگي س??ن شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن کي ئي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.