اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن لاءِ عالمي امداد م مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان انهن کي سڀئي ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن ج?? پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چ??و ته اهو عالمي ڏينهن پناهگيرن جا مسئلا سمجهڻ ۽ انهن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کان لکين افغان پناهگير پاڪستان اچڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان اهو سلسلو جاري آهي، هن چ??و ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ 8.5 لک افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان لاءِ پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، صدر چ??و ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جي تعاون جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته عالمي برادري به ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جو تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. انهن جي مسئلن جو حتمي حل انهن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ ا??تحڪام جو قيام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چ??و ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن ج?? پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.