ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لانچ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ خصوصي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقا??، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد ا??جد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. دفاعي ??يد??وار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير ڪئي وئي آهي، ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعم??ر پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئي پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز جي لانچنگ گذريل سال آگسٽ ۾ ترڪي ۾ ٿي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو ه??.