اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يوم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪن جا 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏي??هن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قيام پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير قومي جذبي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي تقريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي آهي، يوم تڪبير تي قومي تقريبون ملهائڻ جو آغاز 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ڪڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏي??هن آهي، هن چيو ته محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو هو، هاڻي معاشي قوت بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏي??هن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وطن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي يوم تڪبير جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي خاص طور تي ا??هن تقريبن جو حصو بڻايو وين??و، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر م??ڊي??، پورهيتن، سول سوسائيٽي تنظيمن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي ڏي??هن کي قومي جذبي سان ملهائي، اهو ڏي??هن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٿيڻ جو ڏي??هن آهي، ان ڏي??هن کي انهي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت آهي، هن م??ڊي?? کي درخواست ڪئي ته يوم تڪبير لاءِ خصوصي نشريات، پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏي??هن جي تقريبن ۾ پنهنجو حصو وجهي.