اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وز??ر راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪ?? سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اختر مينگل وز??راعظم جي بلوچستان جي ترقي کي حڪ??مت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪ??مت ترجيحي بنيادن تي بلوچستان جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلوچ نوجوانن جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.