اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چين اق??صا??ي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو ??اڪ??تان جي اق??صا??ي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??اڪ??تان آيل چين جي پرڏيهي وزير ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وانگ زي جي ??اڪ??تان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وزير چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وزيراعظم جي پرخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ چين ??اڪ??تان جي وچ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ۽ چيني پرڏيهي وزير پاڪ چين بطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي منظر??ام?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي تقريب جي لاءِ پنهنجي تازي چين جي دوري ۽ چيني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اق??صا??ي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اق??صا??ي ترقي جي لاءِ ??اڪ??تان جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چيني سيڙپڪارن جي ??اڪ??تان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان جي پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ان جي غيرذميواراڻي رويي کان آگاهه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم ڀارت پاران ??اڪ??تان جي حدن ۾ ميزائل جي نام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ??اڪ??تان پاران ان جي گڏيل جاچ جي مطالبي تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻيهر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.