اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وز??ر سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون تنظيم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وز??ر کي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪيو، وز??راعظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وز??راعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي ??هت?? بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وز??راعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏيندي وز??راعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪرد??ر تي زور ڏنو. وز??راعظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.