اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون ٻن ڏينهن و??رو اجلاس اڄ اڱاري کان اسلام آباد ۾ شروع ??ين??و، ٻن ڏينهن واري اجلاس جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ آهي، اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ سطح جا وفد اجلاس ۾ شرڪت ڪندا جيڪي 23 مارچ جي يوم پاڪستان پريڊ ۾ اعزازي مهمان جي حيثيت سان به شرڪت ڪندا. چين جو پرڏيهي وزير خصوصي طور تي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان اجلاس جي افتتاحي ويهڪ کي اهم خطاب ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندو، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سميت اهم اسلامي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويا آهن جتي انهن جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي وئي. او آءِ سي جي اجلاس ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا ايجنڊ?? جو اهم نقطو آهي،ا جلاس ۾ عالمي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن، گڏيل يڪجهتي، علائقائي امن ۽ ترقي تي غور ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي غور سميت فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويندو. اسلامو فوبي?? جو مسئلو ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي به غور ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ ڀارتي جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين جو جائزو ورتو ويندو. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪش??ير جي باري ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي رابطا گروپ جو وزارتي اجلاس به ??ين??و، سومر تي اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هون ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مهمانن جي آمد جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو جتي هوائي اڏي تي انهن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ٻن ڏينهن و??رو ??هو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ??ين??و جنهن جي لاءِ شاندار اتنظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي هم منصبن سان ملاقاتون به ڪندو، اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي صلاحڪار محمد طاهر اشرفي ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي، اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي پي) جي صدر محمد سلمان الجاسر او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ صبح اسلام آباد پهتو ته اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي محمد طاهر اشرفي سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ ڪيتريون ئي اهم قراردادون پيش ڪيون وينديون، اجلاس ۾ پرڏيهي نائب وزير، مستقل نمائندا، 15 مبصر ملڪن جي نمائندن سميت 675 کان وڌيڪ مبصرين شرڪت ڪري رهيا آهن، اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.