اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وزيراعظم عمران خان جي موقف کي ساراهيندي چيو آهي ت?? روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي نالي پنهنجي خط ۾ چيچنيا جي صدر چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پنهنجي دين بابت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ هو ذاتي طور تي وزيراعظم سان ملاق??ت لاءِ بي تاب هو، چ??چن صدر تازي روس ج?? دور?? دوران وزيراعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ وزيراعظم جي لاءِ هر طرح جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ت?? هو اس??ن کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اس??ن هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، اس??ن توهان کي روس جي ايندڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.