اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلدي??تي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، فعال بلدي??تي نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدي??تي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظ?? عمران خان چيو ته بلدي??تي نظام جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو ??ختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود ال??شي?? وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.