اسلام آباد – 05 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرن جي ترقي لاءِ اهڙي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جو انتظام ۽ انصرام عوام کي بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهي ۽ اوڳاڙيون به ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ لاهور شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستن جي تعمير جي منصوبن جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاهور شهر مان تمام گهڻي اوڳاڙي گڏ ٿي سگهي ٿي. هن ان سلسلي ۾ شهر جي اهم زمينن کي اس??عمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي هن وقت اس??عمال ۾ نه آهن ۽ بيڪار پيل آهن. وزيراعظم چيو ته شهر انهن اهم جاين کي عوامي مفاد جي منصوبن لاءِ اس??عمال ۾ آڻي نه رڳو انهن زمينن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو پر ان سان حڪومت ڪافي اوڳاڙيون به حاصل ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم تجويز ڏني ته لاهور ۾ شهري منصوبن کي سرڪاري ۽ جي شعبي جي حصيداري سان راوي اربن ڊيولپمينٽ ۽ سينٽرل ڊسٽرڪٽ منصوبن جي طرز تي هلايو وڃي. اجلاس کي پ??جاب حڪومت جي گلبرگ ۾ بوليورڊ ايم ٽو موٽروي ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي لاهور جي شهرين ۽ مسافرن کي شرقي ۽ غربي روٽ فراهم ڪندو ۽ ان سان موجوده رستن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ?? گهٽتائي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ان کان اڳ ان منصوبي لاءِ 5 ارب رپيا خرچ ڪيا جڏهن ته منصوبي جي ڪل لاڳت جو ڪاٿو 61 ارب رپيا لڳايو ويو آهي ۽ هو 15 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. ان منصوبي سان سفر جو وقت 30 منٽ گهٽ ٿيندو ۽ روزانو 73 هزار گاڏيون اهو روٽ اس??عمال ڪنديون. اجلاس ۾ ناڻي واري وف??قي وزير شوڪت رين، تعليم واري وف??قي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير اس?? عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪي جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جا صوبائي وزير ۽ سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.