اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسلام ۽ نب?? ڪريم ﷺ جي نالي تي سي??ست نه ٿيڻ گهرجي، اسلام اسان کي ا??ن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا ج?? لاءِ اڻٽر آهي، نب?? ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته اسلام اسان کي ا??ن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته سي??ست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙ?? ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نب?? ڪريم ﷺ جي نالي تي سي??ست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري فواد حسين چيو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن ج?? لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي ا??عقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ??ين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.