اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فارن فنڊنگ جي حوالي سان مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي تلاشي ڏيڻي پوندي، اهي جوتا لاهي ڀڄڻ جي تياري ۾ آهن، هن ڀيري کين ڀڄڻ نه ڏينداسين، اصل ڪهاڻي اڪائو??ٽس جي جاچ پڙتال کانپوءِ سامهون اچڻي آهي ته ڪيئن پارٽي اڪائو??ٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، پارٽي اڪائو??ٽس ۾ به پاپڙ ۽ فالودي وارا ڪردار سامهون ايندا، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي جي سامهون پنهنجو مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو، اي سي پي کي 40 هزار عطيات ڏيندڙن جو رڪارڊ ۽ 16 واليم پيش ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته جي يو آءِ سميت سمورين پارٽين کان اڪائو??ٽس جو حساب وٺي، فضل الرحمان اڄ تائين پارٽي اڪائو??ٽس جو حساب ناهي ڏنو. هو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ۽ بلاول زرداري نه قانون کي مڃين ٿا ۽ نه ئي آئين کي?? ادارا انهن جي خلاف ڪارروائي ڪن ته اهي حملا آور ٿيندا آهن، تاريخ گواهه آهي ته اهي ماڻهو سپريم ڪورٽ، نيب تي حملا آور ٿيا، ججز جي خلاف تنقيد انهن جي عادت آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو 25 آڪٽوبر تي اجلاس ٿيندو، اسان جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ 8 ڏينهن پيپلزپارٽي ۽ پوءِ 8 ڏينهن ن ليگ جي اڪائو??ٽس جي جاچ پڙتال ڪندا، روزاني جي بنياد تي جاچ پڙتال جي اپ ڊيٽ قوم جي سامهون رکنداسين. هن چيو ته مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هاڻي کي?? راهه فرار اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين، مريم جسٽس رٽائرڊ قيوم جي فون واري انصاف جي منتظر آهي، جڏهن به کائنس سوال ٿيندو آهي ته روئڻ پٽڻ شروع ??ري ڇڏيندي آهي، قوم سوال ڪري رهي آهي ته انهن جي اڪائو??ٽس ۾ پئسا جمع ڪرائيندڙ ڪهڙا فرشتا آهن، 4 سال کان انهن ڪروڙين روپيا موڪليندڙن جا ن??لا ن??هن ٻڌايا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي پيروي ڀرپور طريقي سان جاري رکندي. مريم ۽ بلاول پنهنجون رسيدون ڏين، ٻيهر قطري خط يا جعلي ٽرسٽ ڊيڊ نه کڻي اچن، اصل ڪهاڻي اڪائو??ٽس جي جاچ پڙتال کانپوءِ سامهون اچڻي آهي ته ڪيئن پارٽي اڪائو??ٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. پارٽي اڪائو??ٽس ۾ به پاپڙ وارن ۽ فالودي وارن جا ڪردار سامهون ايندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن پوليٽڪل فنڊ ريزنگ متعارف ڪرايو، ٻنهي پارٽين کي مشورو آهي ته رسيدون نه لڪايو ان کانسواءِ ڪو به رستو نه آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسڪروٽني ڪميٽي ۾ پيش ڪيل رڪارڊ موجب ٻنهي پارٽين جا اڪائو??ٽس سامهون آيا آهن جيڪي گوشوارن ۾ ظاهر ناهن، پارٽي فنڊ ڪهڙي طرح استعمال ٿيا ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن.