اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. روانگي واپار جو ماپو وڌائڻ جي ??اء?? غير روايتي مصنوعات تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن ??اء?? هدف متعين ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير ش??ڪت فياض ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. اجلاس ۾ ڪامرس ڊويزن تقابلي جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته سال 18 -2015ع کان سال 21 -2020ع جي دوران وي??يو ايڊيڊ روانگي واپار ۾ 3.8 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، انهي مدي دوران غير روايتي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ 2.7 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، اهو اضافو موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي ڏنل مراعتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. اجلاس کي آگاه ڪيو ويو ته روايتي طور تي پاڪستان کان ٽيڪسٽائيل جي مصنوعات برآمد ڪئي پئي وئي تنهن هوندي به برآمدات جي ماپي کي وڌائڻ ??اء?? غير روايتي مصنوعات سميت معدنيات، فوڊ پراڊڪٽس، فروٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سرامڪس وغيره برآمد ڪندڙن ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خاان چيو ته حڪومت برآمد ڪندڙن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته برآمدات ۾ اضافي جي ??اء?? مصنوعات ۾ جدت آڻي جاگرافيائي طور تي انهن ملڪن تي ڌيان ڏنو وڃي جتي پاڪستاني مصنوعات جي مارڪيٽ موجود آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن جي ??اء?? برآمدات ۾ اضافي جي ??اء?? هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ انهي بنياد تي ان جي ڪارڪردگي جاچ?? ويندي.