اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، يو اي اي ۾ 16 لک پاڪستاني رهندڙ آهن ??يڪي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ٻي وڏي محفوظ جڳهه آهي، يو اي اي ڪوويڊ کانپوءِ سڀ کان وڏو ايونٽ ايڪسپو 2021ع منعقد ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن ??ي ان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ??اڻس ملاقات ڪئي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ هن ڀيري پنهنجي طرز جو هڪ منفرد پاڪستاني پويلين هوندو، واپار واري وزارت ۽ ??طل??عات واري وزارت ان ايڪسپو ۾ شرڪت جي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ اسان جي ڪردار کي پوري دن??ا ساراهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي يو اي اي جي سفير چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار ادا ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.