اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي ۽ وچ??لي در??ي جو ڪاروبار ملڪي معيشت جي لاءِ تمام اهم آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعتن کي نظرانداز ڪيو ويو، ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ سهولتون ڏن??ون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچ??لي در??ي جي ڪاروبار جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئن?? جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صنعت ۽ پيداوار ڊويزن واري سيڪريٽري اجلا?? کي تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلا?? کي ٻڌايو ويو ته ننڍي ۽ وچ??لي در??ي جو ڪاروبار پاڪستان جي ڪل جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو آهي، ٽيڪس جي مد ۾ تمام گهڻ??ون مراعتون ڏن??ون پ??ون وڃن، ايس ايم ايز جي فروغ جي لاءِ ايڪشن پلان جي منطوري وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي اهي، اسٽيٽ بئنڪ جي نگراني هيٺ ننڍي ۽ وچ??لي صنعتن کي قرض ڏنا ويندا، انفارميشن ٽيڪنالا??ي جي شعبي سان واڳيل ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، سمورن حصيدارن سان تفصيلي رجوع ڪيو ويو آهي ته جيئن پاليسي ۾ ڪنهن قسم جو جهول نه رهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ايس ايم ايز ملڪي معيشت ۾ اهم ترين حيثيت رکندڙ آهي، ماضي ۾ ننڍين صنعتن کي نظرانداز ڪيو ويو، اسان جي حڪوم?? جو ڌيان ننڍي صنعتن کي سهولتون ڏيڻ تي آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ آسانين جي پاليسي تحت ننڍي ڪاروبار ڪندڙن کي مراعتون ۽ آسان??ون ڏن??ون وڃن. هن هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ايس ايم ايز پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.