ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي عالمي ڏهاڙو هر سال گڏيل قومن جي انتظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ان جو مقصد اهڙا ماحولياتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ايندڙ نسلن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”ماحولياتي نظام جي بح??لي“ آهي جنهن جي پوري انسانيت فڪرمند آهي، ماحولياتي نظام جي بح??لي مان مراد اهو آهي ته جبلن جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي تري تائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماحولياتي نظام جي بح??لي هڪ گڏيل عالمي ذميداري آهي جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آهي، پاڪ بح??يه ماحول جو عالمي ڏينهن تسلسل سان ملهائيندي آهي ته جئين ماحولاياتي نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي سان آگاهي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورونا وائرس جي وبا جي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي اهڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي عزم جي اظهار سان ماحوليات بابگ آگاهي کي فرو?? ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪ بح??يه جي اهلڪارن طرفان هر ڀيري صفائي کانسواءِ پاڪ بح??يه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحولياتي نظامن جي بح??لي جي قدمن جي حوالي سان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي اهتمام هيٺ آبي ماحول جي تحفظ ۽ بح??لي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ پاڪ بح??يه جي اهتمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري جون مهمون پهرين کان جاري آهن جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻي?? حصن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستان جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آهن، پاڪ بح??يه محفوظ بح??ي ماحول ۽ صاف سٿري سمنڊن جي لاءِ سدائين ڪوشان آهي، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ بح??يه جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ پاڪ بح??يه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري رکن.