اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملا??ات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ اي??دڙ بجيٽ ??ي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رک??دڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملا??ات ڪئي، ملا??ات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملا??ات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملا??ات ڪئي.