اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي تحفظ ۽ اسلامو فوبيا جي معاملي تي آواز بلند ڪرڻ تي الجزيره ٽي وي جي هفتيوار پروگرام ”سباق ??لا??بار“ (نيوز مقابله) ۾ هفتي جي مشهور شخصيت قرار ڏنو وي?? آهي. سباق ??لا??بار الجزيره ٽي وي تي عربي ۾ موثر ۽ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار لائيو پروگرام آهي جيڪو عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ان پروگرام ۾، چينل هفتي جي ٽن کان چئن وڏين خبرن جي چونڊ ڪندو آهي ۽ ان کانپوءِ ناضرين کي ووٽ ڏيڻ جو چيو وي??دو آهي ته ڪهڙي نيوز اسٽوري ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيت سندن ??يا?? ۾ بهترين آهي، ان پروگرام ۾ خبرن سان گڏوگڏ مهمانن جا انٽرويوز به ورتا وي??دا آهن، الجزيره جا ناظرين/ شائقين 24 اپريل 2021ع تي سباق ??لا??بار پروگرام ۾ چئن عالمي شخصيتن لاءِ ووٽنگ ڪرائي جنهن ۾ الجزيره جي ناظرين پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي ناموس رسالت جي تحفظ جي لاءِ عالمي آواز بڻجي اڀرڻ تي پسنديده ترين شخصيت قرار ڏنو وي??. ٻين اڳواڻن جن لاءِ ناضرين پسنديدگي جا ووٽ ڏنا، تنهن ۾ شام ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو جنهن اڌ صدي تائين مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي جنهن 3 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي ۽ باغين سان جهڙپن ۾ فوت ٿي وي?? ۽ ڪيوبا جو صدر فيڊل ڪاسترو جنهن 6 ڏهاڪن تائين حڪومت ڪئي، شامل آهن. پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي 56 سيڪڙو ناضرين پسنديدگي جو ووٽ ڏنو، چاڊ جي صدر ادريس ديبي کي 33 سيڪڙو ۽ شام جي مخالف ڌر اڳواڻ ميشيل ڪيلو کي 8 سيڪڙو جڏهن ته ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاسترو کي 3 سيڪڙو ووٽ مليا، اه??ي طرح وزيراعظم عمران خان کي مقبول ترين شخصيت قرار ڏنو وي??. پروگرام جي ميزبان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي سياسي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃائڻ کانپوءِ سياست جي ميدان ۾ به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا ۽ ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هڪ عالمي آواز بڻجي اڀريو ۽ اولهه جي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته جيڪو به نبي ڪريم ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي جو مرتڪب ٿيو ان کي سزا ڏني وڃي.