اسلام آ??اد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪ??ميري عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ??رزين سان پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چيو ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جار?? رکي ويندي.