صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چ??و آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي، م??الف ڌر کلي دل سان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مط??لب?? 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مط??لب?? مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مرزا آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محرومين جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سيني??ر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل قائم ڪئي آهي. سيني??ر پارليامينٽرينز ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد پارليامينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ??م جاري آهي.