اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آ??ان بڻائڻ آهي، سڌارن ??ان ٽيڪس جي نظام ۾ مو??ود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آ??ان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙ?? خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو خص??صي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خص??صي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آ??ان بڻائڻ ۽ نظام ۾ مو??ود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.