اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا جي تجويز پيش ڪند?? چيو آهي ته وبا جي خاتمي تائين غريب ملڪن جا قرض ملتوي ڪيا وڃن، ??سرندڙ ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جا امدادي فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، ويڪسين جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، وبا جي خاتمي تائين قرضي ملڪن جي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ بي پناهه صحت ۽ معاشي بحران درپيش آهن، ??يڪڏهن ڪورونا وائرس امير ۽ غريب جي وچ ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪري پر ان سان پٺتي پيل طبقن ۽ غريب ملڪن کي سڀ کان متاثر ڪيو آهي، لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن.