اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر احت??اج ۾ پنهنجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا، اڄ حڪومت جن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار آ??ي ان جي ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آهي، انهن ٻنهي پارٽين ملڪي وسيلن کي بيدردي سان ڦريو ۽ پنهنجا اثاثا ٺاهيندا رهيا، ملڪي مفاد جي بيانيي کي ترويج ڏيڻ لاءِ ٻين شعبن وانگر ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي، حڪومت مهانگائي تي ضآبطو آڻڻ لاءِ هنگ??مي قدم کڻي رهي آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ دير با??ا پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دير با??ا پريس ڪلب جي عهديدارن جا ٿورا مڃان ٿو جو ا??ي اسلام آباد آيا آهن، دير با??ا پريس ڪلب جو نيشنل پريس ڪلب سان ويجهو رابطو سٺي ڳالهه آهي، جنهن سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون، هن دير با??ا پريس ڪلب جي عهديدارن کي خاطري ڪرائي ته جلد دير با??ا پريس ڪلب جو دورو ڪندس، هن چيو ته صحافي پنهنجي مقامي، علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي بيانيد کي ترويج ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اڪثر اجلاسن ۾ سرڪاري ملازمن جو ذڪر ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي ڪابينا ڪميٽي به قائم آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد، حفيظ شيخ ??ام?? آهن، اها ڪميٽي ملازمن سان ڳالهائي رهي آهي، احت??اج ڪندڙ مطئمن ٿي ويندا. هن چيو ته اڄ جي مسئلن جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جي نااهلي ۽ منصوبابندي جي کوٽ آهي.