اسلام آ??اد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ص??ار?? ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اس??م، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آ??اد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري تعميراتي سرگرمين جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعميراتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جي نت??جي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوتن جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ان جي نت??جي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آ??اد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي تعميراتي ڪمپنين طرفان تعميراتي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نت??جي ۾ تعميراتي منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.