اسلام آ??اد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي، آزادي جو قدر ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کان پڇيو جيڪي مسلسل ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ غيرانساني روين جو نشانو بڻجي رهيا آهن، قائداعظم جنهن خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ بدلايو، ان جي سچائي اڄ پوري طرح ظاهر آهي ته مودي سرڪار ڪهڙي طرح ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي ۽ ڪشمير جي واديءَ کي 5 آگست 2019ع کانپوءِ عملي طور جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، پا??ستان جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي، تحريڪ پا??ستان ۽ قرارداد پا??ستان جي حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن جي اهتمام هيٺ ناياب تصويرن جي نمائش ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي پوري قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪ??اد پيش ڪريان ٿو، پا??ستان جو قيام اسان تي اسان جي بزرگن جو هڪ احسان آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته اسان هڪ مضبوط ۽ خوشحال پا??ستان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ ڇڏي وڃون، اسان اهو فرض پنهنجي ٻارن جي لاءِ ضرور نڀائينداسين ۽ ملڪ کي ڪرپشن ۽ بدعنواني کان پا?? ڪري ئي رهنداسين، ملڪ کي مثالي اسلامي فلاحي مديني جي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبليڪيشن (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽن ڏينهن واري تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هلندڙ سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پا??ستان جي عوام ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ هن نمائش جو انعقاد ڪيو جيڪا عظيم اڳواڻ جي اصولن ۽ اعليٰ تصورن جي پيروي جي ياد ڏياري ٿي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو هڪ بنيادي مقصد اهو به آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پا??ستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياري سگهجي ته پا??ستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سمورن مسئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي تاريخ سدائين اسان کي ياد ڏياريندي رهندي ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن تمام گهڻين مشڪلاتن جي باوجود قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ پنهنجي قومي ۽ مذهبي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن جا موجوده وقت ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، قائداعظم محمد علي جناح 15 آگسٽ 1947ع تي پا??ستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي افتتاح جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ فرمايو هو ته ”قيام پا??ستان هن ملڪ جي شهرين تي هڪ وڏي ذميواري لڳائي آهي ۽ آزادي هن قوم کي اهو موقعو فراهم ڪيو آهي ته اها دنيا کي ڏيکاري سگهي ته ڪهڙي طرح هڪ ڪثيرالناصر قوم ذات، پات ۽ عقيدي کان مٿانهون ٿي امن ۽ هم آهنگي ذريعي پنهنجي سمورن هم وطنن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿي.“ وفاقي وزير چيو ته قائداعظم جنهن خواب جي تعبير کي حقيقت ۾ بدلايو، ان جي سچائي اڄ پوري طرح ظاهر آهي ته مودي سرڪار ڪهڙي طرح ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهي آهي ۽ ڪشمير جي واديءَ کي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ عملي طور جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.