اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارت فوجي گهيراءُ ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ ۽ غيرقانوني ق??م سان ڀارت جي حڪومت خاص طور تي مودي سرڪار جي استحصالي ۽ توسيع پسنداڻا ارادا دنيا ۾ بي نقاب ٿي ويا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 5 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير جي مسئلي تي متفق آهن ۽ سڀني ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ق??م جي سخت مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي جي غيرقانوني ق??م جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري ??وام تي ڪيل ظلم ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اصل ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار جي توسيع پسنداڻي ۽ نفرت تي ٻڌل قدمن پوري ??طي جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.