اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، پاڪستان جي پوري قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معامل?? تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خ??ي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪا آه??. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر پوري خطي جي امن امان جي لاءِ خطرن جو سبب آه??. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آه??. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪشمير مسئل?? تي متحد آه??. آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ڪشميرين کي پر ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آه??، اڄ دنيا ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آه??.